دائم فقير

دائم فقير: دائم فقير، صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ڄاڻائي ٿو ته: ’صوفي شاهه عنايت جي سلسلي جي فقيرن مان دائم فقير سٺو شاعر ۽ صوفي هو. دائم فقير ڪافيءَ جي مشهور شاعر محمد فقير کٽياڻ جو ٻالڪو ۽ ان جي سنگ ۾ شامل فقيرن مان هو. هي ڪڏهن ڪڏهن محمد فقير سان گڏجي ڳائيندو به هو. کيس محمد فقير کٽياڻ جو تمام گھڻو ڪلام ياد هوندو هو.
پاڻ به چڱو شاعر هو. سندس ڪلام مان هڪ سرائيڪي بيت هيٺ ڏجي ٿو:
راز رندي وچ سمجھن سالڪ، بيرنگي دا بحر بياض،
عارف عشق دي بازي کيڏن، نينان وانگي ننگي ناز،
سورهيه ويکن سير صورت دا، پرؤن پل پل ڪر پرواز،
صوفي مظهر مام سڃاتي، انحد والي الٽ آواز،
دائم دل وچ ديد اڙا ڪي، ثابت ڪيتا سر دا ساز.


لفظ دائم فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو